ابو طالب

اَبُوطالِبُ: حضرت علي عليہ السلام جو والد ۽ رسول ڪريم صه جن جو چاچو، حضرت ابو طالب (85 قبل هجري) 540ع ۾ تولد ٿيو. اصل نالو عمران بن عبدالمطلب هئس. سندس پيءُ عبدالمطلب، قريش قبيلي جي بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو. ابوطالب، عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ، حضرت رسول ڪريم صه جن کي پنهنجي تربيت هيٺ آندو، ۽ جڏهن نبوت جي دعويٰ کان پوءِ قريشن نبي سڳوري کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون ته پنهنجي خاندان جي سربراهه جي حيثيت سان حضرت ابوطالب نبي ڪريم صه جي حفاظت ۽ حمايت جو کلم کلا اعلان ڪيو. حضور صلي الله عليه وسلم جي بيبي خديجته الڪبريٰ رضي الله سان نڪاح جي ڳالهه ٻولهه ڪيائين نڪاح جو خطبو به حضور صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي ابو طالب پڙهيو. بعثت کان پوءِ مڪي جي ڪافرن حضور صلي الله عليه وسلم کي جڏهن تنگ ڪيو ته پنهنجي خاندان جي عزت ۽ پنهنجي پياري ڀائٽيي حضور صلعم جي حفاظت ۽ حمايت ۾ ڪمر بسته رهيو، ايستائين جو ڪافرن جي سختين کان تنگ اچي کين ٽن سالن تائين هڪ جبل جي لڪ ۾ رهڻو پيو جيڪو شعب ابي طالب جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ شاعر ۽ خطيب جي حيثيت ۾ پڻ گهڻو مشهور آهي. حضرت ابوطالب 88 ورهين جي ڄمار ۾ 620ع (هجري سن کان 3 سال قبل) ۾ وفات ڪئي.


لفظ ابو طالبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0540.00.00  عيسوي

اَبُوطالِبُ: حضرت علي عليہ السلام جو والد ۽ رسول ڪريم صه جن جو چاچو ، حضرت ابو طالب ( 85 قبل هجري ) 540ع ۾ تولد ٿيو .


0620.00.00  عيسوي

حضرت ابوطالب 88 ورهين جي ڄمار ۾ 620ع ( هجري سن کان 3 سال قبل ) ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد گوهر علي شاهه صوفي
تسليم دارا
حبيب الله فڪري
ڄام غلام قادر خان
بيگم طاهره آغا
تقي عليه السلام امام
استاد سينڌو خان
شمس الدين سومرو
سنتو ڀڳت
حڪيم محمد صديق مولوي سيتائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون